زوب ۾ سيڪيورٽي فورسز جو ڪامياب آپريشن، 6 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز زوب ضلعي جي سمبازا علائقي ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو، جنهن ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب زوب جي علائقي سمبازا ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.
آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا، جن جي قبضي مان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد برآمد ٿيو آهي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگرد شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ جي وارداتن ۾ ملوث هئا، علائقي ۾ امڪاني دهشتگردن جي خاتمي لاءِ آپريشن جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.