ورلڊ ڪپ: پاڪ-بنگلاديش ميچ دوران ” فلسطين“ جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو

ڪولڪتا ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ميچ دوران فلسطين جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو .
اڱاري ڏينهن ڪولڪتا جي تاريخي ايڊن گارڊنز ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ ميچ کيڏي وئي، جتي پاڪستاني ٽيم بنگال ٽائيگرز کي هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ ست وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي وائرل ٿيندڙ هڪ وڊيو ۽ تصوير ۾ 3ڄڻا فلسطين جو جهندو ڦرڪائيندي نظر اچي رهيا آهن.
آءِ سي سي طرفان واقعي تي ڪو باظابطا بيان سامهون ناهي آيو پر ميڊيا رپورٽن موجب، مقامي اختيارين واقعي جي سلسلي ۾ چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.