درخواست رد ڪرڻ تي جج کي موت جي سزا جو مطالبو ڪندڙ شهري کي ڪهڙي سزا ملي؟

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي عدالتي تاريخ ۾ عجيب واقعو پيش آيو، جتي جج کي سزا جي سزا جو مطالبو ڪندڙ شهري کي سزا ٻڌائي وئي.
مقامي ميڊيا موجب دهلي هاءِ ڪورٽ طرفان شهري کي 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي، هن پنهنجي درخواست رد ڪندڙ جج کي موت جي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو.
شهري جي سڃاڻپ نريش شرما جي نالي سان ٿي آهي، جنهن کي دهلي هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بئنچ جي جج جسٽس شيلندر ڪور ۽ جسٽس سريش ڪمار ڪيت طرفان سزا ٻڌائي وئي.
ججن ريمارڪس ڏنا ته نريش شرما خلاف هلندڙ سال آگسٽ ۾ مجرماڻي توهين عدالت ڪارروائي ڪئي وئي پر کيس ڪو پڇتاءُ نه ٿيو، شهري کي توهين عدالت ايڪٽ 1971 تحت ڏوهي قرار ڏنو ويو.
نريش شرما کي 6 مهينا قيد جي سزا سان گڏ ٻه هزار رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو، جيڪو نه ڀرڻ جي صورت ۾ کيس 7 واڌو ڏينهن جي سزا ڏني ويندي.
ججن ريمارڪس ڏنا ته جوابدار جج کي چور قرار ڏيندي چيو ته هاءِ ڪورٽ مجرماڻي صورتحال کي وڌيڪ ڏکيو بڻائڻ ۾ ملوث آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.