اسان سان ناانصافي ٿي رهي آهي، نگران حڪومت پنهنجو ڪم ڪري: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ چونڊون پ پ کٽي رهي آهي، باقي جماعتون چونڊن لاءِ تيار ناهن، اسان چونڊون کٽي وفاق ۾ به حڪومت ٺاهينداسين.
پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه چيو ته اسان جو حڪومت هلائڻ جو تجربو آهي، جڏهن ته نگران حڪومت کي تجربو ناهي پر اسان کي شڪايت ناهي.
سندس موجب قانون چئي ٿو ته نگران حڪومت اهڙو ڪو ڪم نٿي ڪري سگهي، جيڪو ايندڙ حڪومت ريورس نه ڪري سگهي، قانون اهو به چئي ٿو ته نگران حڪومت گذريل حڪومت جي ڪم کي به ريورس نٿي ڪري سگهي، اسان چاهيون ٿا ته ترقياتي ڪم ٿيندا رهن۔
هن چيو ايندڙ حڪومت پ پ جي اچڻي آهي ته اسان لاءِ ڏکيائيون ڇو پيدا ڪيون پيون وڃن؟ سڄي سنڌ ۾ ڪم بند ڪري ماڻهن کي سزا ڏني پئي وڃي، اليڪشن ڪميشن ڪجهه اسڪيمن جي اجازت ڏئي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن پڪ اينڊ چوز نه ڪري، اسان سان ناانصافي ٿي رهي آهي، نگران حڪومت پنهنجو ڪم ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.