ورلڊ ڪپ ۾ چار سينچريون روهت شرما جي صلاحن تي عمل جو نتيجو آهي: ڊي ڪاڪ

پوني ( ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ آفريڪي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ چيو آهي ته عالمي ڪپ دوران هر ميچ کان پهرين ڀارتي ڪپتان روهت شرما سان فون تي رابطو ڪندو آهيان.

آءِ سي سي پئنل سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ڊي ڪاڪ چيو ته هو هر ميچ کان پهرين ڀارتي ڪپتان روهت شرما کي فون ڪندو آهي ۽ کائنس بيٽنگ ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ بابٽ وٺندو آهيان.

هن کلندي چيو ته هاڻي عالمي ڪپ جي تاريخ جي ڪامياب ترين بيٽر جي پنج سينچرين وارو رڪارڊ ٽوڙي سگهان ٿو

واضح رهي ته ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ نيوزيلينڊ خلاف پوني ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڊي ڪاڪ 116 بالن تي ٽن ڇڪن ۽ يارنهن چوڪن جي مدد سان 114 رنسن جي اننگز کيڏي، اِها هلندڙ عالمي ڪپ ۾ سندس چوٿين سينچري هئي.

ان کانسواءِ ڏکڻ آفريڪي بيٽر ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ عالمي ڪپ دوران سڀ کان وڌيڪ 545 رنسون ٺاهيندڙ بيٽر بڻجي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.