غزا ۾ انساني حقن جو ڀڃڪڙيون، گڏيل قومن جي عهديدار استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) فلسطين ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون روڪڻ ۾ گڏيل قومن جي ناڪامي تي، انساني حقن جي ڪميشن (UNHRC) جي نيويارڪ آفيس جي سربراهه ڪريگ موخيبر احتجاج طور پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر فولڪر ترڪ جي نالي خط ۾ هن لکيو ته غزا ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي اهو لحاظ سان نسل ڪشي آهي.
ڪريگ موخيبر لکيو ته فلسطين ۾ يورپي نسل پرستاڻو آبادڪاري منصوبو پنهنجي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ اهو مرحلو اهو آهي ته فلسطيني علائقن مان فلسطينين جي باقيات کي جلد کان جلد ختم ڪرڻ.
هن وڌيڪ لکيو ته حد اها آهي ته آمريڪا، برطانيا ۽ گھڻا يورپي ملڪ انهن حملن ۾ برابر جا شريڪ آهن.

ڪريگ پنهنجي خط ۾ لکيو ته اهي حڪومتون جنيوا ڪنوينشن جو احترام ڪرڻ جون پنهنجون ذميواريون کڻڻ کان انڪار ڪري رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.