پاڪستاني اڄ نيوزيلينڊ جي شڪست جي دعا ڇو ڪري رهيا آهن؟

پوني (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جا دلچسپ مقابلا جاري آهن ۽ اڄ پوني ۾ ڏکڻ آفريقا ۽ نيوزيلينڊ خلاف اهم ميچ کيڏي پئي وڃي.
پر پاڪستاني عوام اڄ نيوزيلينڊ جي شڪست جي دعا ڇو ڪري رهيو آهي؟
پاڪستاني شوقين ڏکڻ آفريقا جي ڪاميابي جي دعا ان ڪري پيا ڪن، ڇو ته ڏکڻ آفريقا جي فتح جي صورت ۾ پاڪستان لاءِ سيمي فائنل ۾ پهچڻ جو رستو ڪجهه صاف ٿيندو پر رڳو هن ميچ جو نتيجو ڪافي آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي وڌيڪ ميچن ۾ به ٻين تي ڀاڙڻو پوندو.
جيڪڏهن پوائنٽس ٽيبل تي نظر ڊورائجي ته ڏکڻ آفريقي ٽيم 6 مان 5 ميچون کٽي 10 پوائنٽن سان ٻئي نمبر تي آهي، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ٽيم جون 6 مان 4 ميچون کٽي 8 پوائنٽون آهن ۽ اها پوائنٽس ٽيبل تي ٽئين نمبر تي آهي.
جيڪڏهن اڄ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم ميچ کٽي وڃي ٿي ته ان جون 12 پوائنٽون ٿي وينديون ۽ پروٽيز جا سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان چٽا ٿي ويندا پر نيوزيلينڊ جون پوائنٽون 8 ئي رهنديون.
پاڪستاني عوام ان ڪري اڄ نيوزيلينڊ جي شڪست جي دعا ڪري رهيو آهي ته جيئن شڪست کانپوءِ ڪيويز جون 8 پوائٽون برقرار رهن ۽ جيڪڏهن نيوزيلينڊ جي ٽيم ايندڙ ٻئي ميچون به هارائي ٿي ته پوءِ پاڪستان پنهنجون ايندڙ رهيل ٻئي ميچون کٽڻ جي صورت ۾ سيمي فائنل ۾ پهچي ويندو.
جيڪڏهن نيوزيلينڊ جي ٽيم ايندڙ ٻن ميچن مان هڪ ميچ کٽي ٿي ۽ پاڪستان ٻئي ميچون کٽي ٿو ته پوءِ ٻنهي جون پوائنٽون 10-10 رهنديون، جنهن کانپوءِ فيصلو رن ريٽ جي بنياد تي ٿيندو.
هوڏانهن افغانستان جي ٽيم به 6 مان 3 ميچون کٽي 6 پوائنٽن سان سيمي فائنل ۾ ڊوڙ ۾ شامل ٿي وئي آهي، جيڪڏهن افغانستان جي ٽيم اڳتي ڪاميابيون ماڻي ٿي ته پوءِ به گرين شرٽس لاءِ سيمي فائنل ۾ پهچڻ مسئلو ٿي سگهي ٿو.
آسٽريلوي ٽيم 6 مان 4 ميچون کٽي 8 پوائنٽن سان پوائنٽس ٽيبل تي چوٿين نمبر تي آهي پر ان جون ڪمزور ٽيمن سان ميچون رهيل آهن، تنهن ڪري ظاهري طور ڪينگروز کي سيمي فائنل تائين پهچڻ ۾ ڪو مسئلو پيش نه ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.