غزا (ويب ڊيسڪ) 7 آڪٽوبر تي غزا شهر جي علائقي الزيتون جي 3 ماڙ رهائشي عمارت کي اسرائيلي هوائي حملي ۾ نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 15 ڄڻا ۽ ٽي نسل شهيد ٿي ويا.
ايمنسي انٽرنيشنل موجب ان حملي Awni الدوس ۽ سندس زال ابتسام، پٽ عدي، ننهن ۽ 5 پوٽا پوٽيون شهيد ٿيا.
مائٽن، پاڙيسرين ۽ امدادي ٽيمن کي ملبي هيٺان لاش ڪڍڻ ۾ 6 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت لڳو.
عديل جي ڀاءُ محمد الدوس ايمنسٽي انٽرنيشل کي ٻڌايو ته اسان جو سڄو خاندان تباهه ٿي ويو.
ان حملي ۾ محمد الدوس جو 5 ورهين جي پٽ سوڌو ٻيا 8 مائٽ به شهيد ٿيا هئا.
ايمنسٽي انٽرنيشل موجب 7 کان 12 آڪٽوبر دوران محمد الدوس سوڌو 5 مختلف واقعن ۾ 12 فلسطيني خاندانن جو مڪمل وجود ختم ٿي ويو.
ٻي پاسي فلسطين جي صحت واري وزارت طرفان 15 آڪٽوبر تي جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو هو ته 47 خاندان (جن ۾ 500 کان وڌيڪ ماڻهو شامل هئا) جو نالو سول رجسٽري مان مٽجي ويو آهي.
ايمنسٽي انٽرنيشل جي سيڪريٽري جرنل Agnes Callamard ٻڌايو ته اهو انگ ان کان به وڌيڪ هوندو.
فلسطين نيوز اينڊ انفارمينشن ايجنسي موجب اسرائيلي جارحيت سبب 28 آڪٽوبر تائين 825 خاندانن جو نالو نشانو ختم ٿي ويو هو.
ايمنسٽي انٽرنيشل جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته سڄن سڄن خاندانن جي شهادت غزا ۾ ٿيل تباهه جو حيانءُ ڏاريندڙ رخ آهي، ڇو جو اهو رڳو انساني حياتين جو نقصان نه پر مختلف خاندانن جو يادون، تاريخ ۽ نسل ختم ٿيڻ آهي.
ايمنسٽي انٽرنيشل جن واقعن کي رپورٽ ڪيوآهي، انهن بابت عالمي اداري جو چوڻ هو ته اسرائيل طرفان اهي حملا بنا فرق جي ڪيا ويا ۽ انهن دوران شهري انفرا اسٽرڪچر جو خيال نه رکيو ويو.
ايمنسٽي انٽرنيشل اهي تفصيل غزا ۾ فيلڊ ورڪرن ذريعي حاصل ڪيا.
You might also like