لاپاز (ويب ڊيسڪ) غزا تي حملن کان پوءِ ڏکڻ آفريقي ملڪ بوليويا اسرائيلي جارحيت ۽ معصوم فلسطينين جي نسل ڪشي تي اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا.
بوليويا جي وزير ماريا نيلا پرادا هڪ پريس ڪانفرنس دوران اعلان ڪيو ته بوليويا اسرائيل سان پنهنجا سفارتي لاڳاپا ٽوڙي رهيو آهي.
هن چيو ته بوليويا غزا ۾ اسرائيل طرفان انسانيت جي خلاف ڏوهن تي سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيوآهي، مطالبو ڪريون ٿا ته غزا تي اسرائيلي جارحيت بند ڪئي وڃي ڇو جو اسرائيلي حملن م اڳ ئي هزارين شهري شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن هيل تائين لکين ماڻهو به بي گهر ٿيويا آهن.
بوليويا جي پرڏيهي معاملن بابت نائب وزير جو چوڻ هو ته اسرائيل سان لاڳاپا ختم ڪرڻ جو فيصلو اسرائيلي حملن جي مذمت ۽ اسرائيلي فوج طرفان عالمي قانونن جي ڀڃڪڙين کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، اهو سمجهون ٿا ته هنن عالمي امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
You might also like