اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيض آباد عملدرآمد ڪيس ۾ حڪومت طرفان ٺاهيل فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي کي غير قانوني قرار ڏيندي چيو اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته فيض آباد ڌرڻي جو ماسٽر مائينڊ ڪير هو.
فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس اطهر من الله تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ ڪري رهي آهي.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ابصار عالم پنهنجي بيان ۾ بچاءَ واري وزارت جي ملازم تي سنگين الزام هنيا آهن، اٽارني جنرل صاحب ڇا توهان الزامن کانپوءِ نظرثاني جي درخواست واپس وٺڻ چاهيو ٿا؟
اٽارني جنرل منصور عثمان چيو ته ابصار عالم جا لڳايل الزام ڏٺا آهن، اسان فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي ٺاهي آهي، جنهن تي چيف جسٽس پڇيو ته ابصار عالم فيض آباد ڌرڻي وقت ڇا هو؟ اٽارني جنرل جواب ڏنو ته پيمرا چيئرمين هو.
چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته وفاقي حڪومت فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي ڪڏهن ٺاهي؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته 19 آڪٽوبر تي ڪميٽي جوڙي وئي، جيڪا سڀني پهلوئن جو جائزو وٺي رپورٽ ڏيندي.
سپريم ڪورٽ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي تي سوال اٿاري ڇڏيا، جسٽس اطهر من الله چيو ڪميٽي ڪهڙي قانون تحت ٺهي؟ ان جي ڪهڙي قانوني حيثيت آهي؟ چيف جسٽس چيو رڳو رپورٽون اينديون آهن، ٿيڻو ڪجهه ناهي.
چيف جسٽس چيو عدالت اهو قرار ڏيندي ته حڪومت فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ ڪجهه نه ڪيو، اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته ماسٽر مائينڊ ڪير هو؟
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ماضي مان سکي حڪومت اهڙا قدم کڻي ته مستقبل ۾ اهڙا واقعا نه ٿين، جڏهن قانون هٿ ۾ کڻندڙن کي سزا ملندي ته ماڻهو سبق سکندا.
Prev Post
You might also like