عبدالرزاق جا ذڪاءَ اشرف بابت وڏا انڪشاف

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر عبدالرزاق پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جا چيئرمين رڳو پروٽوڪول لاءِ بڻجندا آهن.

نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ گفتگو ڪندي اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق انڪشاف ڪندي  چيو ته ذڪاءَ اشرف 2011ع ۾ پي سي بي جو چيئرمين بڻيو ته کيس مزو اچي ويو، هو گذريل يارنهن، ٻارنهن سالن کان ٻيهر پي سي بي چيئرمين بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته ذڪاءَ اشرف چيئرمين ٿيندي ئي اڳوڻن ڪرڪيٽرن جي کيپ ڀرتي ڪئي ڇو ته سندس پنهنجي راءِ نه آهي، ذڪاءَ اشرف بورڊ اجلاسن ۾ هڪ منٽ کان وڌيڪ ناهي ڳالهائي سگهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.