” اسان کي سپورٽ ڪيو“ شاهين آفريديءَ جي مداحن کي درخواست

ڪولڪتا ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريديءَ ورلڊ ڪپ دوران مداحن کان سپورٽ گهري ورتي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي شاهين آفريدي چيوته ڀارت ۾ ڪنهن به فاسٽ بالر جو بال ايترو سوئنگ ناهي ٿي رهيو، پوءِ به نئين بال سان وڪيٽون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نتيجو اسان جي حق ۾ آيو.
شاهين ميچ ۾ اختيار ڪيل حڪمت عملي بابت ٻڌايو ته بنگلاديشي بيٽرز کي ڊاٽ بال کيڏائڻ جي رٿابندي هئي ته جيئن چانس ملي.
فاسٽ بالر مداحن کي درخواست ڪئي ته سٺي ۽ بُري وقت ۾ سپورٽ ڪيو، فينز جي سپورٽ سبب ٽيم نمبر ون بڻي آهي، سمورن رانديگرن کي اوهان جي سپورٽ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.