بابر اعظم خلاف مهم، اڳوڻو انگلش ڪپتان به ميدان ۾ اچي ويو

ڪولڪتا ( ويب ڊيسڪ ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل وان پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم تي ٿيندڙ تنقيد تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

هڪ بيان ۾ مائيڪل وان چيو ته جهڙي طرح بابر اعظم جي بي قدري ڪئي پئي وڃي مون کي سٺو نٿو لڳي، بابر ورلڊ ڪلاس رانديگر آهي ۽ دنيا جو بهترين بيٽر آهي.

هن چيو ته ڪپتاني بابت معاملو عالمي ڪپ کانپوءِ اُٿارڻ گهرجي، ورلڊ ڪپ دوران بابر اعظم ۽ بورڊ وچ ۾ اختلافن جون خبرون سامهون اچڻ افسوسناڪ آهي.

واضح رهي ته ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم جي لاڳيتو شڪستن کانپوءِ بابر اعظم جي ڪپتاني تنقيد جو شڪار آهي، ان ڏس ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستاني ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف دعويٰ ڪئي هئي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جا وڏا قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي نظر انداز ڪرڻ لڳا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.