31 آڪٽوبر ــ شهرن جو عالمي ڏينهن

محمد احسان لغاري

شهرن جو عالمي ڏينهن، گڏيل قومن طرفان هر سال 31 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو آهي. هي سلسلو 2013ع کان شروع ٿيو. هن سال واري ڏينهن جو لوگو (ٺپو) ڏسنداسين ته ان جا ٻه اهم پيغام آهن: هڪ ”بهتر شهر، بهتر زندگي“،  ۽ ٻيو ”پنهنجي علائقي ۾ ڪم ڪندي، عالمي طور ڳنڍجي وڃو.“ هي ٻئي انتهائي برجستا پيغام آهن. هن سال جي عالمي ڏينهن جو موضوع ”سڀني لاءِ پائيدار شهري مستقبل لاءِ مالي مدد“ انگريزيءَ ۾ ”فئنانسنگ سسٽينبل اربن فيوچر فار آل“ آهي. ان موضوع جون ٽي بنيادي ڳالهيون آهن. هڪ ته مستقبل ۾ شهري گهاڙيٽي يا شهرن کي پائيداري جي بنياد تي وڌايو وڃي، ڇو جو پائيداريءَ جي عنصر کانسواءِ مستقبل پاڻ غير يقيني واري صورتحال سان لاڳاپيل ٿي ويندو. ٻيو اِهو ته ان شهري پائيداري واري مستقبل کي حاصل ڪرڻ لاءِ پئسو گهربل هوندو. ان ڪري اهڙو مالي نظام قائم ٿيڻ کپي جو شهرن کي پائيداريءَ ڏانهن کڻي وڃي. ٽين اهم ڳالهه ته هڪ بهتر ۽ پائيدار شهري مستقبل هر ڪنهن لاءِ هجي. ايئن نه ٿئي جو اُهو صرف ڪنهن خاص طبقي ۽ ڌرين لاءِ ته هجي، پر غريب  ۽ ڏتڙيل طبقا ان پوري بهتر مستقبل کان ٻاهر نڪتل هجن. ڏينهون ڏينهن دنيا جي شهري آبادي وڌندي ٿي وڃي ۽ 2050ع تائين، تحقيقون ٻڌائين ٿيون ته دنيا جي 68 سيڪڙو آبادي شهرن ۾ وسيل هوندي.

پئسي جو هجڻ يا نه هجڻ، ۽ ان جو ترقي لاءِ خرچ ڪرڻ وارو سوال تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. غريب  ۽ ترقي پذير ملڪ پنهنجي مالي حالتن جي ڪري ٻهراڙين کي بي يارو مددگار ڇڏڻ کانپوءِ شهرن تي به خرچ ڪرڻ جي قابل نه هوندا آهن. اِها پئسي نه هئڻ وارو فرق ترقي يافته ۽ ترقي پذير ملڪن جي وچ ۾ سندن مستقبل کي غير يقيني يا پائيدار ڪرڻ ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. وري ترقي پذير ملڪن جي اندر شهرن جي وچ ۾ فرق يا وِٿي ته ڪهڙي شهر ۾ خرچ  وڌيڪ ڪجي ۽ ڪهڙي ۾ گهٽ، اِهو پڻ انهن شهرن جي مجموعي حالت جو بهتر يا خراب هجڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. اڃان جيڪڏهن ان کي باريڪ بينيءَ سان ڏسبو ته خبر پوندي ته وري شهرن جي اندر ڪنهن حصي کي ته بهتر رکيو ٿو وڃي، وڌيڪ خرچ ڪيو ٿو وڃي، سهولتون ۽ اڏاوتي ڪم بهتر ڪيا ٿا وڃن، پر ڪن حصن کي بلڪل وساريو ٿو وڃي. هڪ ئي شهر جي جاگرافيائي حدن جي اندر ترقي  ۽ بهتري (جنهن ۾ روڊ، اسپتالون، جايون، باغ، اسڪول، ٽرانسپورٽ ۽ ٻيا پاڻي، ڊرينيج وغيره) ۾ چِٽو فرق نظر اچي ٿو! ساڳي شهر جا ڪي علائقا جديد ۽ نئين صديءَ ۾ رهندڙ ته ڪي وري پوئين صدي ۾ رهندڙ نظر اچن ٿا. سڄي سنڌ ۽ پاڪستان جي شهرن ۾ اوهان کي اِها متڀيد نظر ايندي. گڏيل قومن طرفان اِن فرق ۽ وٿين کي محسوس ڪندي ”سڀني لاءِ بهتر شهري مستقبل، جيڪو پائيداريءَ تي ٻڌل هر ڪنهن لاءِ هجي، ان جي ڳالهه ڪئي وئي آهي! معنيٰ ابراهيم حيدري کي به پائيداري ڏانهن کڻي وڃڻو آهي ته صدر کي پڻ!

پاڪستان جي ٺهڻ وقت، ٽن وڏن ۽ اعليٰ ترين شهرن مان سنڌ جا ٻه شهر هئا: ڪراچي ۽ حيدرآباد- پهريون ۽ ٽيون نمبر. اِها ترتيب پاڪستاني سطح تي 1975ع تائين قائم رهي. ڪراچي،  حيدرآباد ۽ سکر ۾ شهري هئيت جون سڀئي خوبيون موجود هيون: روزگار جا موقعا، صنعتون، حفاظت، رهڻ لاءِ بهتر حالتون، امن، ڪاروبار، تعليمي ادارا، اسپتالون، باغ، وندر، ثقافتي ۽ ادبي وهنوار، سياسي چرپر جهڙا عنصر شامل هئا. انهن مان اڃان به ڪجهه عنصر ڪنهن نه ڪنهن صُورت ۾ پنهنجي ڪمزور حيثيت سان موجود آهن. اڄ به ڪراچي صنعتي، ڪاروباري، صحت ۽ تعليم جي لحاظ کان پاڪستان ۾ اڳواڻي ڪندڙ شهر آهي. پر پاڪستان جا ٻيا شهر، خاص ڪري پنجاب ۾ بهتر ٿيندا ويا آهن  ۽ اسان سنڌ مان شهري، صنعتي ۽ بهتر زندگيءَ کي پوئتي ڌڪيندا ويا آهيون.

سنڌ ۾ اربنائزيشن ”شهرن وڌڻ جو عمل“وڌيڪ آهي، جيڪو هاڻ 53 سيڪڙو کان مٿي آهي. يعني شهري آبادي اڌ کان وڌيڪ آهي؛ پر شهرن جو ”ڪاروبار، علم، روزگار، صحت، سهولتون ۽ بهتر زندگيءَ وارو تصور“ نظر نٿو اچي. باوجود ان جي ته سنڌ جي شهرن تي، سنڌ جي ٻهراڙي جي مقابلي ۾ وڌيڪ خرچ ٿئي ٿو. خاص ڪري ڪراچي باقي سنڌ کان ڪجهه شعبن ۾ في ماڻهو جي حساب سان ڏهوڻون خرچ ٿئي ٿو. اڃان ڪراچي ۽ باقي شهرن ۾ و ڌيڪ خرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان ۾ شفافيت ۽ عمليت وارو ڪردار اهم آهي.

سنڌ جي ٽنهن وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جا شهري رٿابنديءَ جا بنياد ان وقت جي حساب سان عملي، مستقبل کي ڏسندڙ ۽ سڀني شهرين لاءِ آسانيون پيدا ڪندڙ هئا. شهري رٿابنديءَ کي وڏي پئماني واري لڏپلاڻ کانپوءِ ڄڻ ڪجهه ئي ڏهاڪن ۾ ڪنڊ ۾ کڻي اُڇلايو ويو. ايئن ناهي ته حڪومتن مختلف ڏهاڪن ۾ ڪوششون نه ڪيون. پر اُهي ڪوششون ڪنهن ترتيب، تسلسل ۽ جٽادار حڪمت عملي جو نتيجو نه هيون. گهڻو ڪري حڪومتن پراجيڪٽ موڊ ۾ ڪم ڪري، آهستي آهستي شهري زندگيءَ ۽ سهولتن جي فائدي کي نڪمو ڪري ڇڏيو. روڊ، بسون، ٽرامون (ڪراچيءَ۾) سرڪيولر ريلوي، پاڻيءَ جي نيڪال جا رستا، باغ، بهتر تفريحي مقام، سئنيمائون، اسٽيج ڊرامن جا ٿلها  ۽ ٻيون ڪئي شيون گم ٿينديون ويون.

80 جي ڏهاڪي کان نون سياسي تجربن ڪراچي جي عالمي شهري حيثيت ۾ ڏارون وجهي ڇڏيون. ساڳي نموني حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد ۽ ٻيا شهر بغير ڪنهن مربوط پائيدار  رٿابنديءَ (شهري رٿابندي ۽ ڊزائين) جي وڏا ٿيندا ويا آهن. شهري رٿابنديءَ جو ادارتي ڍانچو وقت سان گڏ ڪمزور ٿيندو ويو، تان جو، ٽائون پلاننگ جو کاتو مڪمل دزاٽجي ويو. ان جي جاءِ تي اربن پلاننگ جي ٻانهن سامهون آئي آهي، پر اُن ۾ مڪمل ڀڃ ڊاهه کان پوءِ ٺاهڻ جي ضرورت آهي. جمشيد نسروانجي جي دور جا جوڙيل ڪراچيءَ جا شهري رٿابنديءَ جا بنياد ايترا ته مضبوط هئا جو ڪافي ڏهاڪن تائين تمام گهڻي آبادي جي واڌويجهه جي باوجود ”شهري زندگي“ جي وجود کي قائم رکيو آيا.

شهرن لاءِ (ننڍا هجن يا وڏا) مڪاني ادارا، حڪومتون  ۽ ان جو ڪردار انتهائي مرڪزي حيثيت رکن ٿا. پر سٺ جي ڏهاڪي کان ٿيندڙ قانوني ۽ ادارتي تجربا انهن ادارن کي سگهه وٺڻ جي جاءِ تي ڪمزوري جو باعث بڻيا. جيڪا مڪاني ادارن ۾ تاريخي ڄاڻ، صلاحيت، شهرن جي صفائي، پاڻي ۽ نڪاسي، روشني، فائر برگيڊ، هنگامي حالتن ۾ ڪم ڪرڻ جو ڍنگ، ڪنهن حد تائين شهرن جي اندر ٽريفڪ، جانورن جو اسپتالون، عام واهپي جي شين جو معيار قائم رکڻ جهڙا اهم ڪم سياسي مداخلتن، بدعنواني، غير ذميواري ۽ ”جيئن وڻبو، تيئن ڪبو“ جي ور چڙهي ويا!

ان سان گڏ شهري وهنوار۽ ادارن جي وچ ۾ ڪمن جي ورڇ، سهڪار ۽ ڪنهن کي ڇا ڪرڻو آهي بابت وڏو فرق پيدا ٿي ويو. ڪنهن به شهر سان لاڳاپيل هاڻ صوبائي حڪومتي ادارا، مرڪزي حڪومتي ادارا، ڪئنٽومينٽس، ضلعي انتظاميا  ۽ ضلعي حڪومتن جو ڍانچو، زمين  ۽ شهري عمارتي ڍانچن جا منظوري ڏيندڙ ادارا، عدالتي حڪم ۽ نظام، اسپيشل پروگرام  ۽ پراجيڪٽ ۽ ٻيا ايترا عنصر آهن، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مربوط رٿابندي ۽ وري ان تي عمل ڪرڻ هڪ تمام ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. ان تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان تي تڪڙو، عالمي ڄاڻو ادارن جي سهڪار سان، زميني حقيقتن سان گڏائي ڪم ڪرڻ هاڻ اڻٽر آهي.

2015ع کان ڪجهه اهم عالمي معاهدا ٿيا آهن، جيڪي سڌي طرح (۽ ڪجهه حالتن ۾ اڻ سڌي طرح) شهرن جي واڌ ويجهه، انهن جي رٿابندي، پائيدار ترقي، موسمياتي ڦيرگهير جا شهرن تي اثر  ۽ ان سان لاڳاپيل موضوعن تي آهن. انهن 2015ع وارو پائيدار ترقيءَ جا 17 مقصد (جنهن کي مختصرً ايس جي ڊيز چيو وڃي ٿو). ٻيو موسمياتي ڦيرگهير سان لاڳاپيل ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ گهٽائڻ وارو پئريس وارو معاهدو، ٽيون ”نئون شهري ايجنڊا“ (نيو اربن ايجنڊا) جيڪو 2016ع ۾ گڏيل قومن طرفان منظور ڪيو ويو. چوٿون سينڊائي آفتن جي خطرن گهٽائڻ جو گهاڙيٽو  ۽ پنجون اديس اَبابا عملي ايجنڊا.

اهي عالمي معاهدا پائيدار ترقي جهڙن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جا اهم ڪالب آهن. ڇا اسان پنهنجي عام رٿابندي  ۽ خاص طور تي شهري رٿابنديءَ ڪرڻ وقت انهن عالمي معاهدن کي عملي طور تي، پنهنجي ملڪ ۽ صوبي جي معروضي حالتن جي حساب سان وزن ڏيون ٿا؟ ان ڳالهه تي حڪومتي ادارن، سياسي پارٽين، شهري ترقيءَ سان لاڳاپيل ڌرين، سول سوسائٽي ۽ ماهرن کي سوچڻ جي ضرورت آهي.

شهرن جو عالمي ڏينهن هڪ موقعو ڏي ٿو ته اسان پنهنجن شهرن بابت سوچڻ شروع ڪيون. جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهيون ان کي هڪ ڏور رس ۽ شموليت واري رٿابنديءَ ۾ سلهاڙي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪريون. جيڪڏهن پنهنجن گهڻين هيٺ مٿاهين جي باوجود لاهور، اسلام آباد، ملتان ۽ ٻيا شهر پنهنجن ڪافي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آهن ته اسان پڻ اُهي ڪاميابيون ڇو ڪو نه ٿا حاصل ڪري سگهون.

ان ۾ سڀ کان پهريون ۽ اهم قدم شهري رٿابنديءَ جو پورو ادارتي گهاڙيٽو سڌو ڪري روان ڪرڻو پوندو. افسر شاهي جي جاءِ تي پيشه وراڻا ماهر کڻي اڳتي وڌڻو پوندو. ان ۾ شهري زمين جو استعمال کي ”گڏيل آبادي وارو شهر“، جنهن ۾ غريب ــ امير جو ڪاروباري، رهائشي ۽ ڏيٺ ويٺ وارو عمل، بهتر سواري جي انتظامن وارو شهر، مزدورن، ڪم ڪندڙن ۽ ڏهاڙي جي حساب سان ڪاروبار ڪندڙن لاءِ سهولتونن، ڪچي آبادي کي بهتر ڪري اڳتي  وڌڻ، تاريخي ڳوٺ جايون جيڪي شهرن جي وچ ۾ اچي ويا، انهن کي ملڪاڻا حق ڏيڻ، شهرن جي زمين کي وڏن ماڻهن، طاقتور ادارن ۽ ڌرين يا ماڻهن لاءِ دولت جوڙڻ/مالڪي ڏيکارڻ واري عمل کي پوئتي ڌڪيندي، شهرن کي گڏيل طور تي ترقي ڏيڻ جو سوچڻ جي ضرورت آهي. هي ننڍڙو مضمون هڪ وڏي موضوع تي بحث اُٿارڻ لاءِ هڪ چُنهنڊڙي آهي، اُميد ته ان تي لاڳاپيل ادارا ۽ ماهر پنهنجا ويچار ونڊيندا.

سمجهڻ کپي ته شهرن جي واڌ ويجهه، زرعي زمينون سڪني ٿي رهائشي ۽ ڪاروباري ڪمن ۾ آڻڻ، ريئل اسٽيٽ، پلاٽن ۽ اسڪيمن جو اڻ ميو  ۽ ڏاڍن کان به ڏاڍن جو ڪاروبار، شهري پائيداري جا حل نه آهن! ان لاءِ دنيا کان، ۽ اسان کي اسان جهڙي ملڪن کان گهڻو ڪجهه سکڻ ضروري ٿي پيو آهي. ’شهر‘ ڪاروبار، صنعتن، روزگار جون انجڻون هونديون آهن، انهن ۾ بهتري جي نتيجي ۾ شهري غربت ته گهٽبي آهي، پر ٻهراڙين تي پڻ هاڪاري اثر پوندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.