شاهه محمود عملي طور عمران کان رستا الڳ ڪري ڇڏيا

لاهور (عوامي آواز نيوز)  تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشيءَ  به عملي طور عمران خان کان مفاصلو اختيار ڪري ورتو  آهي ۽ سائفر ڪيس ۾ عمران خان جي قانوني ٽيم تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي الڳ قانوني ٽيم جوڙڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي تائين ڪنهن اها ڳالهه پهچائي آهي ته سائفر ڪيس ۾ عمران خان پاڻ بچائڻ لاءِ سمورو بار اوهان مٿان وجهي پاڻ کي آجو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو.

ان ڪري اوهان پنهنجو انتظام ڪيو ته بهتر آهي. جنهن ڳالهه شاهه محمود تي گهرو اثر ڪيو آهي ۽ هن پنهنجن پٽن کي پروفيشنل وڪيلن تي ٻڌل الڳ قانوني ٽيم جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي.

گڏو گڏ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت لاءِ به درخواست داخل ڪئي آهي. جڏهن ته جيل ۾ کولي تبديل ڪرڻ جي به  درخواست ڏني آهي. ڇاڪاڻ ته هاڻي واري کوليءَ  جي دري ڦاسي گهاٽ ڏانهن کلي ٿي جنهن کان شايد شاهه محمود کي ڊپ ٿئي ٿو يا ڪو نفسياتي اثر ٿئي ٿو ان لاءِ هو کولي تبديل ڪرڻ چاهي ٿو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 31 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.