پي سي بي انضمام الحق خلاف الزامن بابت جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي
لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) اڳوڻي چيف سليڪٽر انضمام الحق خلاف الزامن بابت جاچ لاءِ پنج رڪني جاچ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، جاچ ڪميٽي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي چونڊ واري عمل بابت ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيندڙ مفادن جي ٽڪراءَ وارن الزامن جي جاچ ڪندي.
ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۽ سفارشون پي سي بي انتظاميا کي جلد پيش ڪندي .
پي سي بي موجب، ڪميٽي کي الزامن جي جاچ لاءِ مڪمل اختيار ڏنو ويو آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر انضمام الحق پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
پنهنجي بيان ۾ انضمام الحق چيو ته ماڻهو بنا تحقيق جي ڳالهيون ڪري رهيا آهن،منهنجي ذات تي سوال اُٿاريا ويا، انڪري استعيفيٰ ڏيڻ بهتر سمجهان ٿو.