ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي سعود آباد ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل 4 ڦورن جي سڃاڻپ ٿي وئي، جن مان ٻن جو واسطو افغانستان سان آهي.
پوليس موجب مارجي ويل ڦورن ۾ اختر گل، قمر الدين، حيدر خان ۽ خان محمد شامل آهن، اختر گل ۽ خان محمد جو واسطو افغانستان سان هو.
پوليس ٻڌايو ته اختر گل ۽ خان محمد ڪراچي ۾ افغان ڪئمپ ۽ ملير الله والا ٽائون جا رهواسي هئا، جوابدار قمر الدين جو واسطو ڪراچي ۽ حيدر خان جو واسطو پشين سان هو.
پوليس موجب جوابدارن جو ڪرمنل رڪارڊ گهرايو ويو آهي.
You might also like