خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور نارا ڪئنال ۾ ڄاڃين سان ڀريل ٻيڙي اونڌي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا ٻڏي ويا.
ٻيڙي ۾ سوار ماڻهو شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ويجهي ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته اوچتو حادثو پيش آيو، ٻيڙي تي سوار 5 ڄڻن کي بچايو ويو، جڏهن ته 6 ڄڻا گم آهن، جن جي ڳولا جاري آهي.
ريسڪيو ذريعن موجب 11 ڄڻا ٻيڙي تي سوار هئا، جن مان ڪجهه کي مقامي ماڻهن بچايو ۽ ڪجهه پنهنجي مدد پاڻ تحت نڪري آيا.
ٻيڙي ۾ سوار سمورا ماڻهو ڳوٺ جمال الدين جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن.
You might also like