انضمام جي چيف سليڪٽر جي عهدي تان استعيفيٰ، ذڪاءَ اشرف جو ردعمل اچي ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف سليڪيٽر انضمام الحق پاڻ مٿان مڙهيل الزامن تي پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف سان ملاقات ۽ وضاحت ڏيڻ بدران استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

ذريعن موجب، ذڪاءَ اشرف چيف سليڪٽر انضمام الحق کي ملاقات لاءِ اڄ قذافي اسٽيڊيم طلب ڪيو هو، ملاقات ۾ ذڪاءَ اشرف انضمام سان ميڊيا رپورٽن تي وضاحت چاهي پيو، چيف سليڪٽر ۽ رانديگرن جي ميڊيا ڪمپني جي حوالي سان گردش ڪندڙ خبرن تي بورڊ کي خدشا هئا.

ان ڏس ۾ ذڪاءَ اشرف جو چوڻ آهي چيف سليڪٽر ساڻس ناهي مليو، انضمام الحق کي وضاحت لاءِ طلب ڪيو هو.

ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ  اڳوڻي چيف سليڪٽر انضمام الحق خلاف الزامن بابت جاچ لاءِ پنج رڪني جاچ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.

پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، جاچ ڪميٽي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي چونڊ واري عمل بابت ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيندڙ مفادن جي ٽڪراءَ وارن الزامن جي جاچ ڪندي.

ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۽ سفارشون پي سي بي انتظاميا کي جلد پيش ڪندي .

پي سي بي موجب، ڪميٽي کي الزامن جي جاچ لاءِ  مڪمل اختيار ڏنو ويو آهي.

واضح رهي ته  پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر انضمام الحق پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

پنهنجي بيان ۾ انضمام الحق چيو ته ماڻهو بنا تحقيق جي ڳالهيون ڪري رهيا آهن،منهنجي ذات تي سوال اُٿاريا ويا، انڪري استعيفيٰ ڏيڻ بهتر سمجهان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.