اسلام آباد ( م ڊ ) پهرين نومبر کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر گهٽتائي جو امڪان آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمت ۾ 5 ڊالر في بيرل گهٽتائي ٿي آهي، جنهن سبب پاڪستان ۾ پهرين نومبر کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان آهي. ايندڙ مهيني پيٽرول جي قيمت ۾ 15 کان 20 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ به 10 کان 16 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي. ذريعن موجب پهرين نومبر کان لائيٽ ڊيزل تيل ۽ گاسليٽ به سستو ٿيندو ۽ ان حوالي سان اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن جو شروعاتي مسودو تيار ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حتمي سمري 31 آڪٽوبر تي پيٽروليم ڊويزن کي موڪلي ويندي. پيٽروليم واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت متبادل طور تي سمري وزيراعظم کي موڪليندي، جنهن کانپوءِ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ قيمتن جو حتمي فيصلو ڪندو.
ٻيهر صدر ٿيڻ بعد پهرين ڏينهن مسلمانن تي سفري پابنديون لڳائيندس: ٽرمپ
واشنگٽن ( م ڊ ) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن هو ٻيهر صدر چونڊجي ويو ته هو پهرين ڏينهن کان مسلمانن تي سفري پابنديون لاڳو ڪندو. خابرو اداري موجب ريپبلڪن يهودي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ٽرمپ چيو ته اسان انتها پسند مسلمان دهشتگردن کي پنهنجي ملڪ مان ٻاهر رکنداسين. ريپبلڪن جيوش ڪوليشن جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ٽرمپ چيو ته توهان کي سفري پابنديون ياد آهن؟ آئون صدر ٿيڻ جي پهرين ڏينهن سفري پابنديون بحال ڪندس. ياد رهي ته 2017 ۾ پنهنجي صدارت جي شروعات ۾ ٽرمپ ايران، لبيا، صوماليا، شام، يمن ۽ شروعاتي طور تي عراق ۽ سوڊان جي مسافرن جي داخلا تي وڏيون پابنديون لاڳو ڪيون هيون.