ڪراچي (رپورٽر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو آهي ته ڪراچي سنڌ جي دل ۽ تختگاهه آھي، پاڪستان ٺھڻ شرط ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري زبردستي قبضو ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي، سنڌي عوام ڀرپور جدوجهد هلائي، ون يونٽ ٽوڙي ان سازش کي ناڪام بڻايو هو. ھن وقت به ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ لاءِ ملڪ دشمن ۽ سنڌ دشمن ڌُريون سرگرم آھن، عوامي تحريڪ جي صدر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ گھنور خان زئور، ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ، علي محمد ڪلمتي ۽ اقبال جروار اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾ رھندڙ سنڌين کي ڪوبه تحفظ نٿو فراهم ڪيو وڃي، سنڌين جي قديمي ڳوٺن ۾ زندگيءَ جون بنيادي سھولتون ناهن، روڊن رستن صحت تعليم جي ڪابه سھولت ڪونھي، ڪراچي جي فيڪٽرين ۾ سنڌي ماڻھن جي لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪيا ويا آھن، سنڌي شاگردن کي ڪراچي جي تعليمي درسگاھن ۾ داخلائون ڪونه ٿيون ڏنيون وڃن. ڪراچي جون سون جھڙيون زمينون ملڪ رياض، ڊي ايڇ اي ۽ ٻين ادارن کي ڏنيون ويون آھن. ھڪ منظم رٿابندي سان خاص ڪري ڪراچي ۾ لکين افغانين ۽ ٻين غير ملڪين جي يلغار جاري آھي جن کي ڪوڙا سڃاڻپ ڪارڊ به ٺھرائي ڏنا ويا آھن. اڳواڻن چيو ته ڪراچي ۾ رھندڙ سنڌين کي متحد ۽ منظم ڪيو ويندو.