عورت کي گهوٽ جي ڳولا پر ڊيمانڊ سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو!

رشتي جي اشتهار ۾ گهوٽيتن ۽ ڪنواريتن طرفان تعليم، نوڪري ۽ خوبصورتي کي ڏٺو ويندو آهي پر ڀارت ۾ هڪ اهڙو اشتهار سامهون آيو، جنهن ڏسندڙن کي حيران ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ هڪ اشتهار ۾ ڪنوار پنهنجي گهوٽ ۾ اهي خاصيتون نه گهريون پر کيس ”سوشل ميڊيا ريلز پارٽنر“ گهرجي.
ايڪس تي هڪ واهپيدار ان اشتهار جي تصوير پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ لکيل هو ته سوشل ميڊيا انفلوائنسر کي گهوٽ جي ڳولا آهي.
عورت لکيو ته ”منهنجو نالو ريا آهي، مون کي اهڙي گهوٽ + ريل پارٽنر جي ڳولا آهي، جنهن کي ڪئميرا سامهون لَڄ نه ٿئي ۽ مون سان گڏجي رليشن شپ ريلز ٺاهي“.
هن وڌيڪ لکيو ته ”هو اهو به ڄاڻيندو هجي ته ٽرينڊنگ ميوزڪ لاءِ ڪيئن مواد ٺاهيو ويندو آهي ۽ هو جوائنٽ فيملي مان نه هجي“.
اشتهار ۾ اهو به لکيل هو ته ”ان کي پريميئر پرو سافٽ ويئر ضرور اچڻ گهرجي ته جيئن منهنجي ريلز ۽ وي لاگز کي ايڊٽ ڪري سگهي“.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.