پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي لاٿ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پهرين نومبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جا اگهه 5 ڊالر في بيرل گهٽيا آهن، جنهن سبب پهرين نومبر کان پاڪستان ۾ به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان آهي.
پهرين نومبر کان پيٽرول جي قيمت ۾ 15 کان 20 رپيا في ليٽر لاٿ جو امڪان آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ به 10 کان 16 رپيا لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب لائٽ ڊيزل آئل ۽ گاسليٽ به پهرين نومبر کان سستو ٿيندو، ان حوالي سان اوگرا شروعاتي مسودو تيار ڪري ورتو آهي.
سمري پيٽروليم وزارت ۽ ناڻي واري وزارت نظرثاني کانپوءِ وزيراعظم کي موڪليندي، جنهن کانپوءِ وزيراعظم حتمي فيصلو ڪندو.
واضح رهي ته حڪومت 16 آڪٽوبر تي به پيٽرول 40 رپيا ۽ ڊيزل 15 رپيا في ليٽر سستو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.