ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته يهودي لابي جي پاڪستان موڪليل ايجنٽ جيان اسرائيل کي به شڪست ڏينداسين، فلسطين جي آزادي تائين جنگ جاري رهندي.
فلسطيني عوام سان يڪجهتي ۽ اسرائيلي جارحيت خلاف جمعيت علماءِ اسلام ڪوئيٽا ۾ طوفان اقصيٰ ڪانفرنس ڪوٺائي.
ڪانفرنس سان خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺا آهيون، آزادي جي جنگ ۾ فلسطينين سان گڏ آهيون، جنگ ۾ برابر جا شريڪ هجڻ جو اعلان ڪيون ٿا.
هن چيو ته آمريڪا هاڻ سپر پاور ناهي رهيو، پنهنجي حڪمرانن کي چوان ٿو ته آمريڪا جي غلامي ڇڏي ڏيو، حڪمران غيرت جو مظاهرو ڪن، يهودي لابي جي پاڪستان موڪليل ايجنٽ جيان اسرائيل کي به شڪست ڏينداسين، اڄ اهو ايجنٽ مڪافات عمل جو شڪار آهي.
سندس چوڻ هو ته اسيمبليون جي يو آءِ جي ڪمزوري ناهي، اسيمبلين ۾ رهون يا نه رهون روڊن تي رهنداسين، اسان پنهنجي جذٻي کي جيئرو رکيو آهي، او آءِ سي جو اجلاس گهرايو وڃي ۽ گڏيل موقف ورتو وڃي.
You might also like