ناميارو اديب ولي رام ولڀ ديهانت ڪري ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جو ناميارو ليکڪ، مترجم ۽ دانشور ولي رام ولڀ 85 سالن جي عمر ۾ ڪراچي جي ايس آئي يو ٽي اسپتال ۾ ديهانت ڪري ويو.

ولي رام ولڀ ڊگهي عرصي کان شگر، گڙدن ۽ دل جي بيماري ۾ مبتلا ھو،

طبيعت خراب ٿيڻ سبب ھفتو اڳ کيس علاج لاءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو ھو، جتي وينٽيليٽر تي ھو، جتي رات دير سان دم ڌڻي حوالي ڪيائين.

سندس آخري رسمون حيدرآباد جي مڌر وليج ۾ اڄ ادا ڪيون ويون.

ولي رام ولڀ ادب سان لاڳاپيل رھيو، ھن ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ ترجمو پڻ ڪيا، کيس ھڪ پٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ھيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.