ڪراچي ۾ فوت ٿي ويل سونيا جي وارثن پاران جاچ تي بي اعتمادي ظاهر

ڪراچي (رپورٽر)  ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال جي بنگلي ۾ فوت ٿي ويل گھوٽڪي جي شھر اوٻاوڙو جي رھواسڻ ناري سونيا جي  ماءُ ۽ پيءُ ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام ھنيو  آھي ته سندن نياڻي سونيا گذريل ڪيتري عرصي کان الطاف ميمڻ جي بنگلي ۾ ڪم ڪندي ھئي، بنگلي جو مالڪ الطاف ميمڻ پرڏيهھ ۾ رهندو آهي جڏهن ته سندس ٽي پٽ ۽ ماءُ هتي رهن ٿا. هنن چيو ته نياڻي سونيا ڪم ڪرڻ لاءِ بنگلي تي وئي جنهن کي رات دير سان بيھوشي واري حالت ۾ گھر آڏو ڇڏي ويا ۽ ھو فوت ٿي وئي. ھنن چيو ته پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي، جاچ مان مطمئن نه آهيون، ايس پي رينڪ جو آفيسر جاچ ڪري. سونيا جي والدين چيو ته ڪيس جو آئي او محمد حنيف انصاف ڪرڻ بدران جوابدارن سان ملي ڀڳت ڪري ڪيس کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. نياڻي سونيا جي وارثن مطالبو ڪيو آھي ته ڪيس جي جاچ آفيسر کان ڪيس واپس وٺي ڪنھن ايماندار آفيسر کي مقرر ڪيو وڃي. ھنن صحافين آڏو دانھيدي چيو ته ڪيس ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به ترت گرفتار ڪري  کين انصاف فراھم ڪيو وڃي. ڪيس وڙھندڙ  وڪيل جو چوڻ ھو ته ڊاڪٽرن نينگري کي زھر ڏيڻ جي تصديق ڪئي آھي ۽ زبردستي لڄالٽ جو شڪار  پڻ ٿي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.