چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري بي يقيني ختم ڪريو

ملڪ ۾ جوڙيل نگران حڪومت چونڊن ۾ مدد ڪرڻ جي مقصد سان آئي آھي،ان کانسواءِ ھن حڪومت جو بھ ٻيو مينڊيٽ نھ آھي.وڏيون سياسي جماعتون بھ موجود آھن،عدالت پڻ متحرڪ آھي،ملڪ جو آئين پڻ ان ڳالھ جي پابندي ڪري ٿو تھ اسيمبلي مدت پوري ڪرڻ کان اڳ ۾ ٽوڙي وڃي تھ وڌ ۾ وڏ ٽن مھينن ۾ چونڊون ڪرايون وڃن.ملڪ ۾ چونڊن ڪرائڻ لاءِ ھڪ ادارو اليڪشن ڪميشن پڻ ڪم ڪري رھيو آھي،جنھن بابت اھو چيو ٿو وڃي تھ اھو آزاد آھي پر ھن وقت تائين اھا خبر نٿي پئي تھ عام چونڊون جيڪي ٿيڻيون آھن سي ڪڏھن ٿينديون ؟ملڪ ۾ اليڪشن بابت ائين اندازا يا اڳڪٿيون ڪيون پيو وڃن جيئن موسميات کاتو برسات جي امڪان بابت آگاھي ڏيندو آھي.

جيتوڻيڪ اليڪشن ڪميشن جي چرپر شروع ٿي آھي ۽ ملڪ ۾ ٿيل پھرين تڪراري ڊجيٽل آدمشماري بعد نيئن سر تڪبنديون تي زور ڏيندڙ اليڪشن ڪميشن جي ان ڪم کي سموريون سياسي ڌريون آئين جي گھرج قرار ڏئي رھيو آھن پر چونڊن بابت تاريخ ڏيڻ واري اليڪشن ڪميشن جي آئيني گھرج تي ڪو بھ زور ڏيڻ لاءِ تيار نھ آھي.

ملڪ ۾ سياست جو گاڏو اھڙي طرح ھلي پيو جو ھن وقت تائين ڪنھن کي بھ پڪ نھ آھي تھ اھي چونڊون ڪڏھن ٿينديون.ھاڻي بھ اندازو ڪيو ويو آھي تھ شايد چونڊون 28 جنوري تي ٿين.اھا تاريخ بھ ملڪ جي سياست تي نظر رکندڙ صحافين ۽ ماھرن ڪنھن ڀوپي جيان حساب ڪتاب ڪري ڳولي ھٿ ڪئي آھي.

ملڪي ميڊيا ۾آيل خبرن موجب  اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ کي ٻن ڏينهن کانپوءِ لکت ۾ آگاهه ڪندي. جنھن ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان ڄاڻايل تاريخ تي چونڊون ڪرائڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن.

ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن ۽ ملڪ جي  صدر عارف علوي جي بيانن ۾ ٿيندڙ مقابلي بعد اھو معاملو جھڙوڪ مناظري وارو ٿي ويو آھي.

صد عارف علوي تازو هڪ انٽرويوءَ دوران خدشو ظاهر ڪيو هو ته کيس جنوري 2024ع ۾ چونڊون ٿيندي نظر نٿيون اچن، جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن صدر جي بيان کي رد ڪندي چيو آھي تھ  چونڊن لاءِ مڪمل تيار آهيون ۽ تڪ ڏيندي جو عمل مڪمل ٿيندي ئي چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو.

هوڏانهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان  تڪ بندين تي اعتراضن لاءِ بينچ مقرر ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ پهرين نومبر کان تڪ بندين تي اعتراضن جي ٻڌڻي ڪئي ويندي.

جنھن موجب پهرين بينچ پهرين نومبر تي اسلام آباد، شڪارپور، خضدار، سيالڪوٽ ۽ راجن پور جي تڪبندين تي اعتراضن جي ٻڌڻي ٿيندي.ساڳئي ڏينهن ٻي بئنچ ڪرم، اٽڪ، جهلم، ننڪانه صاحب، ڪوهاٽ ۽ ڪورنگي جي تڪبندين تي اعتراضن  ٻڌندي.اليڪشن ڪميشن موجب ملير، سانگهڙ، سوات، هري پور، چڪوال ۽ پشين جي تڪن تي اعتراضن جي ٻڌڻي 2 نومبر تي ٿيندي.مردان، ڪراچي اوڀر، موسيٰ خيل ۽ لوڌران جي تڪبندين تي اعتراضن جي ٻڌڻي بھ 2 نومبر تي ٻئي بينچ ڪندي. نوشهروفيروز ۽ حب جي تڪبندين تي اعتراضن جي ٻڌڻي پڻ 2 نومبر تي ٿيندي.اليڪشن ڪميشن جي اھڙي عمل ۽ سامھون آيل بيان بعد اھا اميد ٿي پئي آھي تھ چونڊن جو جلد اعلان ڪيو ويندو،جنھن کانپوءِ ئي ان تي ڪا ڳالھھ ڪري سگھجي ٿي.پر ملڪ جي مجموعي سياسي فضا ۾ ڇانيل بي يقيني واري صورتحال اڃان ختم ٿيندي نظر نٿي اچي.

ھئڻ تھ ائين گھرجي ھا جو اليڪشن ڪميشن کي پنھنجي مڪمل شيڊول جو اعلان ڪري عوام ۾ ھن وقت موجود بي يقيني کي ختم ڪري ڇڏڻ گھرجي ھا پر ائين نھ ٿيو ھو.اسان اميد ٿا ڪريون تھ اليڪشن ڪميشن جلد اھڙو اعلان ڪندي جئين ماڻھن ۾ اھو احساس پيدا ٿئي تھ ملڪ ۾ چونڊون ٿي رھيون آھن.

ھر صورت ۾ ھڪ چونڊيل حڪومت ئي ملڪ جي سمورن  اھم معاملن ۽ بحرانن کي منھن ڏيڻ ۽ اھي ڪنھن حد تائين حل ڪرڻ جي لاءِ ذميوار ھوندي آھي ڇاڪاڻ جو آئين موجب ان کي اھڙي مينڊيٽ حاصل ھوندو آھي.ان ڪري عوام جي اڪثريت اھو ئي سمجھي ٿي تھ جمھوريت طرف وڌڻ سان ئي ملڪ کي بھتر رستي ڏانھن آڻي سگھجي ٿو.

  • ڪمزور بنياد تي سگھارو ٿيل  رپيو ۽ ملڪي معيشت جي حالت

پاڪستان جي معاشي صورتحال جو اندازو بھ اسان کي عالمي ادارن جي رپورٽن ۽ جائزن مان ٿيندو آھي ان جوھڪ سبب اھو آھي تھ ھتي جا ماھر ڪجھھ حقيقتون لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، ٻيو سبب ھي آھي تھ ملڪ ۾ ڊيٽا يا تفصيل جوڙڻ ۽ ان جو اڻڌريون تجزيو ڪرڻ جو رواج نھ آھي ۽ ٽيون سبب ھي آھي تھ اسان وٽ روز ايترا ڪوڙ هنيا ويندا آھن جواھڙي ڪنھن رپورٽ کي مخلتف طريقن سان جاچ ان کي وري ٻين ذريعن کان ڀيٽي پوءِ ان جي تصديق ڪري سگھجي ٿي.

سو ھڪ عالمي اداري جو چوڻ آھي تھ ملڪ ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستان جي رپئي جي سگھاري ٿيڻ واي ڳالھھ عارضي آھي نھ رڳو ايترو پر ان جا بنياد ڪمزور آھن.گولڊمين گروپ خبردار ڪيو آهي ته سيپٽمبر ۾ پرڏيهي ڪرنسي جي ذخيرا اندوزي ۽ اسمگلنگ خلاف حڪومتي ڪريڪ ڊائون جي نتيجي ۾ رپئي جي سگھاري ٿيل قيمت عارضي ٿي سگهي ٿي.

ٻئي پاسي اسٽيٽ بئنڪ پاڪستان موجب 20 آڪٽوبر تي ختم ٿيل هفتي دوران مٽا سٽا جا ذخيرا 22 ڪروڙ ڊالرن جي گهٽتائي سان 7 ارب 49 ڪروڙ ڊالر رهجي ويا آهن. آءِ ايم ايف ۽ دوست ملڪن جي مالي مدد کانپوءِ مرڪزي بئنڪ جا ذخيرا 8 ارب 73 ڪروڙ ڊالر ٿي ويا هئا.

سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر  دوران رپئي جي ملھھ ۾ واڌ ڏٺي وئي ۽ ان کي دنيا جي بهترين ڪرنسي قرار ڏنو ويو ھو. ڪرنسي ماهر خبردار ڪندا رهيا ته رپئي جي ملھھ ۾ واڌ جا بنياد ڪمزور آهن ۽ اهو رجحان تبديل ٿي سگهي ٿو.

گذريل 18 مهينن کان سياسي ۽ معاشي غير يقيني واري صورتحال بھ ان جو ھڪ سبب آھي،ساڳي ريت ايندڙ سال عام چونڊن جا امڪان آهن.اهڙي طرح ادارن جي وڪري سان وڏي پرڏيهي سيڙپڪاري جا امڪان به محدود آهن. ملڪ وچ اوڀر جي سيڙپڪارن  جي اچڻ ۾ غزا  ۽ اسرائيل  ڇڪتاڻ سبب  دير ٿي رھي آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.