پاڪستان سيمي فائنل کيڏي سگهي ٿو، پر ڪيئن؟

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) 27 آڪٽوبر تي ڀارت ۾ جاري آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ سڀ کان سخت مقابلو پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٿيو جتي قسمت آفريڪي ٽيم جو ساٿ ڏنو کين هڪ وڪيٽ تان ڪاميابي ملي.

ان ميچ ۾ شڪست جو منهن ڏسندڙ پاڪستاني ٽيم جي اِها چوٿين هارهئي، ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان هينئر تائين ڇهه ميچون کيڏيون آهن جنهن ۾ نيڌرلينڊز ۽ سريلنڪا خلاف فتح جڏهن ته ڀارت، آسٽريليا، افغانستان ۽ ڏکڻ آفريڪا هٿان شڪست ملي آهي.

هن وقت قومي ٽيم پوائنٽس ٽيبل تي ڇهين نمبر تي موجود آهي، هاڻ پاڪستان جا سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان انتهائي گهٽجي ويا آهن پر پاڪستاني ٽيم مڪمل طور اڃا تائين عالمي ڪپ مان آئوٽ ناهي ٿي.

هاڻي سوال اِهو پيدا ٿئي ٿو ته پاڪستاني ٽيم ڪهڙي طرح ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي سگهي ٿي.

سيمي فائنل کيڏڻ لاءِ پاڪستان کي نه رڳو پنهنجي ٽئي ميچون وڏي مارجن تان کٽڻيون پونديون پر ٻين ٽيمن تي پڻ ڀاڙڻو پوندو، يعني پاڪستان ٽيم هڪ ڀيرو وري اگر مگر واري صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي.

پاڪستان ان صورت ۾ سيمي فائنل ۾ پهچي سگهي ٿو ته جڏهن آسٽريليا پنهنجي ٽن ميچن مان ٻه ميچون هارائي جيڪو ڏکيو نظر اچي رهيو آهي ڇو ته ڪينگروز جون ٻه ميچون افغانستان ۽ بنگلاديش خلاف آهن، جيڪڏهن اَپ سيٽ ٿيو ته فائدو پاڪستان کي ٿيندو.

جيڪڏهن نيوزيلينڊ ٽيم پنهنجون ٽئي ميچون هارائي وڃي ٿي ته پوءِ سيمي فائنل جو فيصلو رن ريٽ جي بنياد تي ڪيو ويندو.

ڏکڻ آفريڪا جيڪڏهن بنگلاديش، انگلينڊ ۽ ڀارت خلاف پنهنجي ٽنهي ميچن ۾ شڪست کائي ويو ته پوءِ سيمي فائنلسٽ ٽيم جو فيصلو رن ريٽ جي بنياد تي ٿيندو ۽ ان حساب سان پاڪستان ٽيم جا سيمي فائنل کيڏڻ  جا امڪان گهٽ صحيح پر موجود ضرور آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.