نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مڌيا پرديش چونڊن لاءِ اميدوار نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ گڏهه تي پهچي ويو.
ڀارتي سياستدانن جي به ڇا ڳالهه ڪجي، اليڪشن جي موقعي تي ووٽرن ۽ ميڊيا جو ڌيان ڇڪڻ لاءِ ابتيون سبتيون حرڪتون ڪندا آهن.
مڌيا پرديش ۾ اميدوار نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ گڏهه تي سوار ٿي شاهاڻي انداز ۾ اليڪشن آفيس پهتو.
گڏهه تي سوار ٿي اليڪشن آفيس آيل سياستدان جو نالو پريانڪ ٺاڪر آهي ۽ هو برهانپور تڪ تان آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهي رهيو آهي.