ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صحافڻ ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي اڳوڻي چيئرپرسن پروفيسر شاهده قاضي لاڏاڻو ڪري وئي.
گهر ڀاتين موجب پروفيسر شاهده قاضي بيمار هئي ۽ ڪراچي جي سول اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي.
پروفيسر شاهده قاضي جي عمر 79 سال هئي، سندس جنازي نماز سڀاڻي ٻي پهري کانپوءِ ادا ڪئي ويندي.
گهر ڀاتين ٻڌايو ته شاهده قاضي جي تدفين ڪراچي يونيورسٽي جي قبرستان ۾ ڪئي ويندي.
واضح رهي ته پروفيسر شاهده قاضي کي پاڪستان جي پهرين عورت ٽي وي رپورٽر جو اعزاز حاصل آهي.
You might also like