ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ ور اسٽائل اداڪار ايوشمان کُرانا به پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا ميچ دوران امپائر جي غلط فيصلي تي چپ نه رهي سگهيو.
ورلڊ ڪپ جي 26 هين ۽ اهم ترين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي سخت مقابلي کانپوءِ هڪ وڪيٽ تان شسڪت ڏني، ڏکڻ آفريڪا پاڪستان جو 271 رنسن جو هدف نوَ وڪيٽن جي نقصان تي 48 هين اوور ۾ پورو ڪيو.
ميچ ۾ هڪ موقعو اهڙو به آهي جڏهن ڏکڻ آفريڪا کي کٽڻ لاءِ اٺ رنسون ۽ پاڪستان کي فتح لاءِ هڪ وڪيٽ گهربل هئي.
ان دوران حارث رئوف ڏکڻ آفريڪا جي ٽيل اينڊر بيٽر تبريز شمسي کي بال هلايو جيڪو سندس پيڊ تي لڳو، پاڪستان طرفان ايل بي ڊبليو جي اپيل ڪئي وئي پر آن فيلڊ امپائر ناٽ آئوٽ ڏنو جنهن تي گرين شرٽس ريويو ورتو.
ريويو ۾ نظر آيو ته حارث رئوف جو بال وڪيٽ کي هٽ کي معمولي ڇهي رهيو آهي پر آن فيلڊ امپائر طرفان ناٽ آئوٽ ڏنو ويو هو انڪري هو امپائر ڪال سبب ريوويو باوجود به ناٽ آئوٽ ئي رهيو.
جيڪڏهن آن فيلڊ امپائر حارث جي بال تي آئوٽ ڏئي ها ته پاڪستان ميچ کٽي وڃي ها جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا ريوويو وٺي ها تڏهن به آئوٽ ئي قرار ڏنو وڃي ها.
ان حوالي سان ميچ دوران ايوشمان به ان تڪراري آئوٽ تي تبصرو ڪيو ۽ سوشل ميڊيا تي لکيو ته ” اِهو شمسي آئوٽ هو“ .
ٻئي پاسي آءِ سي سي به اهم ميچ دوران ڊي آر ايس جي هڪ غلطي تسليم ڪري ورتي آهي.
آءِ سي سي طرفان پنهنجي غلطي قبول ڪندي ٻڌايو ته پهريان نظر آيو ته ڊي آر ايس ري پلي ۾ غلطي ٿي هئي جڏهن ته ٻيو ڊي آر ايس ري پلي درست هو انڪري وين ڊر ڊوسن کي 21 رنسن تي آئوٽ قرار ڏنو ويو ڇو ته اساما مير جي فليپر جو سڌو بال وڪيٽن کي ڇهي رهيو هو.
You might also like