آئون ڪڏهن به دنيا کي ايترو بيمار محسوس ناهي ڪيو: فاطما ڀٽو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي دهشتگردي تي اولهه ميڊيا جي خاموشي تي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطما ڀٽو سوال اٿاريندي چيو آهي ته جڏهن اسرائيل الشفا اسپتال تي بمباري ڪندو ته ڇا نيويارڪ ٽائيمز، بي بي سي ۽ ٻيا اداڪارا ان حقيقت کي مٽائڻ لاءِ تيار هوندا.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ فاطما ڀٽو چيو ته غزا ۾ موصلاتي بليڪ آئوٽ ڪيو ويو آهي ته جيئن هو ڪنهن به رنڊڪ کانسواءِ قتل عام ڪري سگهن.
هن وائيٽ هائوس کان سوال ڪيو ته ڇا اوندهه ۾ ڪنهن فلسطيني کي شهيد نه ڪيو ويو؟ اسرائيل غزا کي حراستي ڪيمپ بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن هو ڪارپٽ بمباري ڪري رهيا آهن، اهڙي حراستي ڪيمپ جيڪا گھيڙي ۾ آهي جنهن کي ڪو به ڇڏي نٿو سگھي، آئون ڪڏهن به دنيا کي ايترو بيمار محسوس ناهي ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.