ڌرمشالا ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا سخت مقابلي کانپوءِ نيوزيلينڊ کي پنج رنسن تان هارائي ڇڏيو.
ڌرمشالا جي هماچل پرديش اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ آسٽريليا پهريان بيٽنگ ڪندي نيوزيلينڊ کي کٽڻ لاءِ 389 رنسن جو جبل جيڏو هدف ڏنو.
جواب ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم ڀرپور مقابلي ڪيو پر ميچ جو نتيجو پنهنجي حقم ۾ نه ڪري سگهي ۽ نوَ وڪيٽن جي نقصان تي 383 رنسون ٺاهي سگهي.
ان کان اڳ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، آسٽريليا پهرين کيڏندي 49.2 اوورن ۾ ٽي سئو 88 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
ڪينگروز طرفان ٽرويس هيڊ 109 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ان کانسواءِ ڊيوڊ وارنر 81، گلين ميڪسويل 41، مچل مارش 36، ڪپتان پئٽ ڪمنز 37 رنسون ٺاهيون.
نيوزيلينڊ طرفان ٽرينٽ بولٽ ۽ گلين فلپس 3،3 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته مچل سينٽنر ٻه، مئٽ هينري ۽ جيمي نيشام جي حصي ۾ هڪ، هڪ وڪيٽ آئي.
389 رنسن جي جبل جيڏي هدف پٺيان ڊوڙيندي ڪيوي ٽيم نوَ وڪيٽن جي نقصان تي 383 رنسون ٺاهي سگهي.
نيوزيلينڊ طرفان راچن رويندرا 116 رنسن جي بهترين اننگز کيڏي، ڊيرل مچل 54 رنسون ٺاهيون.
گلين فلپس 12 ۽ مچل سينٽنر 17 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جيمي نيشام آخر تائين ڀرپور مقابلو ڪيو ته پر هو ٽيم کي فتح نه ڏياري سگهيو، هن 39 بالن تي 58 رنسون ٺاهيون.
آسٽريليا طرفان ايڊم زمپا 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، هيزل ووڊ ۽ پئٽ ڪمنز ٻه، ٻه وڪيٽون ورتيون.
شاندار سينچري اسڪور ڪرڻ تي ٽرويس هيڊ کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.