غزا ۾ تباهي تي تاريخ اسان سڀني جو فيصلو ڪندي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس غزا ۾ لکين انسانن جي تباهي تي بي وسي جي عالم ۾ پنهنجي سوشل ميڊيا پيغام ۾ چيو آهي ته تاريخ اسان سڀني جو فيصلو ڪندي.
هن چيو ته غزا ۾ 20 لک انسان تباهي کي منهن ڏئي رهيا آهن، شهرين لاءِ تصور نه ڪرڻ جوڳي تباهي آهي، اهو سچائي جو وقت آهي، تاريخ اسان سڀني جو فيصلو ڪندي، سڀ پنهنجون ذميواريون ادا ڪن.
سيڪريٽري جنرل وچ اوڀر ۾ فوري جنگ بندي ۽ يرغمالين جي غير مشروط آزادي جو مطالبو ڪندي چيو ته غزا ۾ حياتي بچائيندڙ سامان جي پهچ کي يقيني بڻايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.