غزا مارچ: اسلام آباد ۾ جماعت اسلامي جا ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پوليس جماعت اسلامي جي ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.
جماعت اسلامي جي ترجمان شاهد شمسي موجب پوليس اسلام آباد ۾ غزا مارچ روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ان حوالي سان پوليس اسان جي اسٽيج ۽ سائونڊ سسٽم کڻي ڇڏيو آهي.
هن ٻڌايو ته سرينا چوڪ تان پوليس ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي، اسان جي ڪئمپ پٽي ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
هوڏانهن ضلعي انتظاميا جي ذريعن جو چوڻ آهي ته قلم 144 جي پابندي باوجود جماعت اسلامي مارچ ۽ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.