حيدر آباد (رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آھي ته پ پ طرفان بھارين کي شناختي ڪارڊ ڏيارڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ انتهائي شرمناڪ عمل آهي، پ پ اقتدار حاصل ڪرڻ جي لاءِ جيڪا سنڌ جي مفادن خلاف فيصلا ڪري پئي، ان کي سنڌ رد ڪري ٿي.
اھڙو اظھار ھن لنڊن مان نجي دوري تان واپسي کانپوءِ ڪراچي ايئرپورٽ ۽ ٽول پلازه ڄامشورو وٽ استقبال لاءِ پهتل ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو.
ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي سجاڳ ٿيڻ گهرجي، سنڌ مٿان پ پ جي روپ ۾ مسلط ڪيل جاگيردارن، وڏيرن ۽ سردارن کان جان ڇڏائڻ لاءِ ايندڙ اليڪشن ۾ پورهيت طبقي جي نمائندن جو ساٿ ڏئي، جيئن سنڌ ۾ هر ماڻهو عزت وقار ۽ خوشحالي سان پنهنجي زندگي گذاري سگهي.