ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ سون جي قيمت مسلسل واڌ جو سلسلو جاري آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 2900 رُپيا مهانگو ٿيڻ بعد ٻه لک يارنهن هزار 350 رُپين جو ٿي ويو آهي.
ڏهه گرام سون 2486 رُپيا واڌ کانپوءِ هڪ لک 81 هزار 198 رُپين جو ٿي ويو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ سون في اونس ويهه ڊالر چاڙهه بعد 1990 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.