ورلڊ ڪپ: سريلنڪا هٿان شڪست، انگلينڊ لاءِ سيمي فائنل کيڏڻ ڏکيو ٿي ويو

بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 25 هين ميچ ۾ سريلنڪا دفاعي چيمپيئن انگلينڊ کي اٺ وڪيٽن تان هارائي ٽورنامينٽ ۾ ٻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.

سريلنڪا انگلينڊ خلاف 157 رنسن جو هدف ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 26 هين اوور ۾ آساني سان حاصل ڪري ورتو، انگلينڊ جي اِها ورلڊ ڪپ ۾ چوٿين شڪست آهي، جنهن کانپوءِ انگلش ٽيم جو سيمي فائنل ۾ پهچڻ جو سفر انتهائي ڏکيو ٿي ويو آهي.

انگلينڊ جي هدف پٺيان ڊوڙندي سريلنڪا طرفان پاٿم نسانڪا 83 بالن تي 77 رنسون ٺاهيون، سندس اننگز ۾ ٻه ڇڪا ۽ ست چوڪا شامل هئا.

ان کانسواءِ سديرا وڪراما 54 بالن تي 65 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته ڪوشل مينڊس 11 ۽ ڪوشل پريرا 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٺاهيون.

هي سريلنڪا جي ورلڊ ڪپ مقابلن ۾ انگلينڊ خلاف لڳاتار 8 هين ڪاميابي آهي.

ان کان اڳ انگلش ڪپتان جوز بٽلر ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

سريلنڪا خلاف انگلش بيٽر دٻاءُ ۾ نظر آهي، وقفي وقفي سان وڪيٽون ڪِرڻ جو سلسلو جاري رهيو ۽ پوري ٽيم 34 هين اوور ۾ 156 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.

بين اسٽوڪس 43 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جوني بيئرسٽو 30، ڊيوڊ ملان 28، جو روٽ3، ڪپتان بٽلر8، ليون اسٽن 1، معين علي 15، ڪرس ووڪس ٻڙي، عادل رشيد 2، مارڪ ووڊ 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.

سريلنڪا جي لاهيرو ڪمارا 3، ايجيلو ميٿوز، ڪسون رجيٿا ٻه، ٻه وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته  ٿيڪشنا جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي.

شاندار بالنگ تي لاهيرو ڪمارا کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.