اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي وزيرن جي عام چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن نگران ويراعظم کي نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جي پنج رڪني بئنچ وفاقي وزيرن جي عام چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن نوٽيس ناهن ڏنا.
اليڪشن ڪميشن نگران وزيراعظم کي نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.