ڪنگنا رناوت شادي ڪرڻ بابت ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت چيو آهي ته هوءَ به ٻين ڇوڪرين جيان پنهنجي شادي جا خواب ڏسندي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڪنگنا رناوت پنهنجي تازي انٽرويو ۾ پنهنجي شادي بابت ڳالهايو، اداڪارا چيو ته هر ڇوڪري جو خواب هوندو آهي ته ان جي شادي ٿئي، ان جي پنهنجي فيملي هجي ۽ هر ڇوڪري جيان آئون به ڪنوار بڻجڻ جو خواب ڏسندي آهيان.

اداڪارا چيو ته آئون شادي ڪري پنهنجي فيملي بڻائڻ چاهيان ٿي ڇو جو هڪ خانداني ڇوڪري آهيان ۽ مون لاءِ رشتا گھڻا اهم آهن.

اداڪارا چيو ته منهنجي شادي جلد ٿي ويندي، مون گھڻي خوشي ٿيندي جيڪڏهن اها ارينج ۽ محبت جي شادي هجي.

هن ماضي پنهنجن لاڳاپن بابت کُلي ڪري ڳالهائيندي چيو ته انسان کي سدائين رشتن ۾ ڪاميابي ناهي ملندي ۽ اهو انسان خوش قسمت هوندو آي جنهن جو ننڍي عمر ۾ قائم ڪيل تعلق ڪامياب ناهي ٿيندو جيئن مون سان ائين ٿيو.

ڪنگنا رناوت وڌيڪ چيو ته آئون پاڻ کي خوش قسمت سمجهندي آهيان جو منهن جو ماضي سان تعلق ڪامياب نه ٿي سگھيو، خدا اهو تعلق ختم ڪري منهنجي حفاظت ڪئي پر اسان کي اها ڳالهه گھڻو دير سان سمجهه ۾ ايندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.