غيرقانوني افغان پناهگيرن جي واپسي جو فيصلو ملڪي سيڪيورٽي خاطر ڪيو: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته غيرقانوني پناهگيرن جي واپسي جو فيصلو سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ ميڊيا بريفنگ دوران چيو ته غيرقانوني پناهگيرن جي وطن واپسي واري فيصلي تي افغانستان جي عبوري حڪومت کي اعتماد ۾ ورتو.

هن چيو ته غيرقانوني پناهگيرن کي واپس موڪلڻ جو فيصلو ملڪي سيڪيورٽي ۽ معيشت خاطري ڪيو.

سندس چوڻ هوته اها پاليسي رڳو افغان شهرين لاءِ نه پر سمورن ملڪن لاءِ آهي، پهرين نومبر کان غيرقانوني پناهگيرن کي ڊي پورٽ يا گرفتاري ڪيو ويندو، دوست ملڪن کي افغان شهرين کي پنهنجي ملڪ وٺي وڃڻ جي درخواس ڪئي آهي، گهرو وزارت جي ڪليئرنس کانپوءِ کين موڪليو ويندو.

ترجمان چيو ته فلسطين جي صورتحال تي ڳڻتي آهي، اسرائيل فلسطينن جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، غزا جي ناڪابندي سبب شهري خوراڪ، پاڻي ۽ دوائن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هن چيو ته غزا تي اسرائيلي بمباري جي مذمت ڪيون ٿا، پاڪستان اهڙي فلسطيني رياست جو حامي آهي جنهن جي راڄڌاني القدس شريف آهي، اميد آهي ته جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ جنگ بندي تي اڳڀرائي ٿيندي، پاڪستان غيرمشروط جنگ بنديءَ جو خواهشمند آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو به اڃا حل طلب آهي، گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب مسئلي جو حل اڻٽر آهي، والاريل ڪشمير جو عوام ڀارتي فورسز جو قبضو قبول نه ڪندو.

ترجمان چيو ته پاڪستان پنهنجي هٿيارن جي ايڪسپورٽ پروٽوڪل تحت ڪندو آهي، يوڪرائن کي هٿيار ناهن ڏنا، اسان کي ڄاڻ ناهي ته يوڪرائن ۾ پاڪستان جا ٺهيل ڪهڙا هٿيار استعمال ٿي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.