ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب انٽربينڪ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ اڄ 21 پيسا اضافو ٿيو آهي.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان موجب اڄ ڊالر جو ملهه 280 رپيا 9 پيسا آهي.
واضح رهي ته انٽربينڪ ۾ گذريل ڏينهن ڊالر جو اگهه 45 پيسا وڌڻ بعد 279 رپيا 88 پيسا هو.