ايڪس (ٽوئيٽر جو نئون نالو) کي ايلون مسڪ هڪ سال اڳ 27 آڪٽوبر 2022ع تي خريد ڪيو هو.
ايڪس کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ايڪس ۾ آڊيو ۽ وڊيو ڪالز جو فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.
ان فيچر جو اعلان ڪمپني طرفان ڪيترن ئي مهينن کان ڪيو پئي ويو ۽ هاڻي ان کي متعارف ڪرايو ويو آهي.
ڪمپني طرفان جاري ڪيل بيان موجب ان فيچر کي اڃا آءِ او ايس ڊوائيسز لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي جڏهن ته اينڊرائڊ واهپيدارن کي اهو ڪجهه عرصي ۾ دستياب هوندو.
ايڪس جي مختلف فيچرز جيان آڊيو ۽ وڊيو ڪالز جو فيچر به رڳو ايڪس پريميئم يعني ماهوار فيس ادا ڪندڙ واهپيدارن کي ئي دستياب هوندو.
ڪمپني ٻڌايو ته واهپيدار آڊيو يا وڊيو ڪالز کي ڊائريڪٽ ميسيجز سيٽنگز ذريعي ڪنٽرول ڪري سگھندا جڏهن ته ڪنهن به رد کي ڪال ڪرڻ لاءِ ان کي ايڪس تي گهٽ ۾ گھٽ هڪ ڊائريڪٽ ميسيج موڪلڻ ضروري هوندو.