اسرائيلي فوج غزا تي زميني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي

غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوجين ۽ ٽينڪن غزا ۾ رات دير سان وڏي پيماني تي زميني حملو ڪيو آهي.

اسرائيلي فوج طرفان وڊيو جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ بڪتربند گاڏين کي غزا جي سرحدي حصي ۾ وڌندي ڏٺو ويو جڏهن ته هڪ بلڊوزر رستو صاف ڪري رهيو آهي ۽ ٽينڪن طرفان شيل فائر ڪيا پيا وڃن.

اسرائيلي فوج موجب رات جو دير اتر غزا ۾ ٽارگيٽڊ ڪارروائي ڪئي وئي جيڪا ٻئي مرحلي جي تياري جو حصو آهي، ان ڪارروائي بعد فوجي ان علائقي مان ٻاهر نڪري آيا.

اسرائيل طرفان اڳ به گذريل اڍائي هفتن دوران غزا ۾ ڪيترائي ڀيرا محدود زميني اڳڀرائي ڪئي وئي آهي پر اها هيل تائين جو سڀ کان وڏو زميني حملو هو.

الجزيرا جي رپورٽ موجب اهو پهريون ڀيرو آهي جو ٽينڪن جو استعمال ڪيو ويو جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته اسرائيل طرفان جنگ جي ٻئي مرحلي جي تياري ڪئي پئي وڃي.

اسرائيلي وزيراعظم گذريل رات ڌمڪي ڏني هئي ته غزا تي شديد بمباري سان گڏوگڏ اسان زميني حملي جي به تياري ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.