پاڪستان ٽيم کي وڏو ڌڪ، اهم فاسٽ بالر کي بخار، ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ ۾ شرڪت شڪي

چنائي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جون ڏکيائيون وڌي ويون، اهم فاسٽ بالر بخار ۾ مبتلا ٿي ويو جنهن سبب ڏکڻ آفريڪا خلاف سندس شرڪت شڪي ٿي وئي آهي.

ذريعن موجب، تيز بالر حسن علي اڄ ٽيم جي پريڪٽس سيشن ۾ شريڪ نه ٿيو، سندس سڀاڻي ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ ۾ شرڪت به شڪي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته حسن علي جي جاءِ تي سڀاڻي ڏکڻ آفريڪا خلاف محمد وسيم جونيئر کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.

واضح رهي ته ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم لاءِ 14 آڪٽوبر تي ڀارت، 20 آڪٽوبر تي آسٽريليا ۽ وري 23 آڪٽوبر تي افغانستان هٿان شڪست کانپوءِ ورلڊ ڪپ سيمي فائنل ۾ ڪواليفاءِ ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.

پاڪستان سڀاڻي پنهنجي ايندڙ ميچ چنائي جي چدمبرم اسٽيڊيم ۾ ميگا ايونٽ جي مضبوط ترين ٽيم ڏکڻ آفريڪا خلاف ميدان تي لهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.