وقت تي کاڌو نه ملڻ تي پٽ ماءُ تي تشدد ڪرڻ بعد باهه ڏئي ڇڏي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي هڪ ڳوٺ ۾ ظالم پٽ وقت تي کاڌو نه ڏيڻ تي ماءُ کي باهه ڏئي ڇڏي.

مهاراشٽرا پوليس طرفان ٻڌايو ويو آهي ته 26 ورهين جي پٽ انڊسٽريل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ مان گريجوئيشن جي تعليم حاصل ڪئي آهي پر في الحال بيروزگار آهي.

پوليس طرفان ٻڌايو ويو ته پٽ رات جي کاڌي لاءِ انتظار ڪري رهيو هو ته کاڌي ۾ دير تي ڪاوڙ ۾ اچي ماءُ سان وڙهڻ لڳو ڳالهه ايتري حد تائين وڌي وئي جو پهريان پٽ ماءُ کي لٺ سان تشدد ڪيو ۽ پوءِ گيهليندي گھر کان ٻار ڪڍي ويو جتي هن پنهنجي ماءُ تي تشدد ڪيو ۽ پوءِ کيس باهه ڏئي ڇڏي.

واقعي جي خبر پوندي ئي پاڙيسري اتي گڏ ٿي ويا ۽ پولي کي اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي زخمي عورت کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.

پويلس موجب ماءُ کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد پٽ ٻيلي ۾ وڃي لڪي پيو جنهن جي ڳولا ۾ پوليس جڏهن ٻيلي ۾ پهتي ته هو پوليس کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رهيو ۽ ٻن ڪلاڪن جي محنت بعد پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪپ ۾ بند ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.