صائم ايوب ۽ شاهنواز ڏاهاڻي ڇائنجي ويا، ڪراچي سرفراز جي قيادت ۾ قائد اعظم ٽرافي کٽي ورتي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ريجن وائٽس سرفراز احمد جي قيات ۾ قائد اعظم ٽرافي 24-2023ع کٽي ورتي.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي فرسٽ ڪلاس ٽورنامينٽ قائد اعظم ٽرافي جي فائنل ۾ ڪراچي ريجن فيصل آباد ريجن کي 456 رنسن تان شڪست ڏئي ٽرافي کٽي ورتي.
ڪراچي ريجن واٽس فيصل آباد ريجن کي 790 رنسن جو هدف ڏنو پر فيصل آباد جي پوري ٽيم پنهنجي ٻي اننگز ۾ 333 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ميچ جي پنجين ۽ آخري ڏينهن فيصل آباد پنهنجي ٻي انگز 129 رنز 6 وڪيٽن جي نقصان تي شروع ڪئي، فيصل آباد رجن کي ميچ کٽڻ لاءِ وڌيڪ 661 رنسون گهربل هيون، ڪپتان فهيم اشرف ۽ علي اسفند اسڪور ۾ 84 رنسن جو اضاف ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا، علي اسفند 15 ۽ خرم شهزادي 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
ٻئي پاسي فهيم اشرف جي مزاحمت جاري رهي، هن ارشد اقبال سان نائين وڪيٽ جي ڀائيواري ۾ 57 رنسن جو واڌارو ڪيو، ارشد اقبال 21 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
فهيم اشرف ۽ محمد عليآخري وڪيٽ لاءِ 51 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي جنهن بعد محمد علي 24 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
فهيم اشرف شاندار بيٽنگ ڪندي 23 چوڪن ۽ ٻن ڇڪن جي مدد سان 147 رنسون اسڪور ڪيون جيڪا فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ سندس چوٿين سينچري ۽ بهترين انفرادي اسڪور پڻ آهي.
ڪراچي وائٽس طرفان غلام مدثر ٽي وڪيٽون وٺي سڀ کان ڪامياب بالر رهيو.
ياد رهي ته فيصل آباد قائد اعظم ٽرافي جي ليگ ميچن ۾ سڀ کان وڌيڪ 108 پوائنٽون حاصل ڪيون هيون جڏهن ته ڪراچي وائٽس جي ٽيم 100 پوائنٽس سان ٻئي نمبر تي رهي هئي.
فائنل ۾ شاندار بيٽنگ تي صائم ايوب کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو هن پهرين اننگز ۾ ڊبل سينچري ۽ ٻي اننگز پڻ سينچري اسڪور ڪئي.
ڪراچي وائٽس جو ڪپتان سرفراز احمد کي پليئر آف دي ٽورناميٽ رهيو، هن ٽورنامينٽ ۾ مجموعي طور 697 رنسون اسڪور ڪيون ۽ وڪيٽن پٺيان هڪ اسٽمپڊ ۽ 27 ڪيچ پڪڙيا.
پشاور جي صاحبزاده فرحان کي ٽورنامينٽ جو بهترين بيٽر قرار ڏنو ويو، هن ٽن سينچرين ۽ ٻن اڌ سينچرين جي مدد سان 847 رنسون اسڪور ڪيون.
فيصل آباد جو خرم شهزاد ٽورنامينٽ جو بهترين بالر رهيو جنهن 36 وڪيٽون حاصل ڪيون.
فيصل آباد جو علي شان ٽورنامينٽ جو بهترين وڪيٽ ڪيپر رهيو جنهن هڪ اسٽمپڊ ۽ 28 ڪيچز ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.