ن ليگ پوري قوت سان چونڊ مهم هلائڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ نون پوري قوت سان چونڊ مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پارٽي قائد نواز شريف پاران پارٽي کي ڀرپور تيارين ۽ 9 نڪاتي ايجنڊا تحت چونڊ منشور تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، نواز شريف پارٽي کي سموري مُلڪ ۾ ڀرپور طريقي سان ۽ تمام وسيلا استعمال ڪندي چونڊ مهم هلائڻ جي هدايت ڪئي آهي جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ جلسا، ورڪرز ڪنونشن ۽ ٻيون تقريبون ٿينديون جڏهن ته چونڊ سرگرمين جي شيڊيول جي تياري به شروع ڪئي وئي آهي.
ذريعن جوچوڻ آهي ته نواز شريف پارٽي جو چونڊ منشور تيار ڪرڻ لاءِ ڪميٽي کي ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو، چونڊ منشور نواز شريف جي 9 نڪاتي منشور جي روشني ۾ تيار ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.