”سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ پنهنجا نوازي نامنظور“ حيدرآباد ۾ اميدوارن جو ڌرڻو

حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو)  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميونسپل آفيسرن جي پوسٽن لاءِ امتحان ڏيندڙ اميدوارن طرفان ميرٽ جي لتاڙ ۽ پنهنجانوازي خلاف ڪالهه علاما دائودپوٽا لائبرري کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي  وئي، جنھن دوران سوين اميدوارن سنڌ پبلڪ سروس  ڪميشن جي آفيس سامھون ڌرڻو ھڻي ٿڌي سڙڪ وارو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنھن بعد سوين اميدوار حيدرآباد پريس ڪلب پھتا. ريلي جي اڳواڻي سنڌ جي مختلف شهرن کان آيل نوجوانن عبيد چانڊيو، انيس ڪلهوڙو، نعمان گهانگهرو، جاويد بروهي، اسرار شابراڻي، حسين بخش چانڊيو، مهراڻ ڀٽو، ڪامريڊ اقبال خان ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي اڳواڻ پنھنجا نوازي خلاف سخت نعريبازي ڪري رھيا ھئا. ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تھ پبلڪ سروس ڪميشن هڪ مها ڪرپٽ ادارو بڻجي چڪو آھي، جنهن جي ميرٽ صرف امير ماڻهن تائين محدود ٿي وئي آھي ۽ غريبن جي اولاد سان مسلسل ناانصافيون ٿي رهيون آھن. هنن چيو ته 80 کان 90 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي نوڪريون ناهن ڏنيون ويون، جڏھن ته صرف نوڪريون من پسند ۽ بااثر ماڻھن جي اولاد کي ڏنيون ويون آھن، جيڪا ميرٽ جي کلي لتاڙ ڪئي وئي آھي. ھنن چيو ته ڪميشن جي ساک ختم ڪري چڪي آھي، ڪميشن هاڻ صرف وڏيرن حڪمرانن جي خدمت لاءِ آھي، سموري سنڌ جا ماڻھو هن ڪرپٽ اداري خلاف سراپا احتجاج آھن. هنن مطالبو ڪيو ته ڪورٽن جي وڏن ججن جي نگراني ۾ ڪميشن جوڙي نتيجن جي جانچ ڪري سنڌ جي متاثر ٿيل نوجوان اميدوارن کي نوڪريون ڏئي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.17

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ  ڪئي وئي: صنعان قريشي

حيدرآباد(پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي ته هڪ طرف وفاق سنڌ جي وسيلن تي قابض آهي ٻي طرف وفاقي نوڪرين ۾ سنڌ کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، وفاقي نوڪرين ۾ سنڌ کي پنهنجي  ڪوٽا کان 30 هزار گهٽ نوڪريون ملڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي، جيڪا سنڌ سان وڏي ناانصافي آهي، هن چيو ته وفاق سنڌ جي وسيلن تان قبضو ختم ڪري سنڌ جا وسيلا سنڌ تي استعمال ڪيا وڃن ته وفاق جي نوڪرين جي ضرورت ناهي، هن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ٿيل نوڪرين جي وڏي پيماني تي ٿيل ڪرپشن ميرٽ جي لتاڙ آهي، جڏهن ته ٻي طرف دادو ضلعي صدر منصور جمالي نوشهروفيروز جيل مان ايڊووڪيٽ اختر علي ڀريجو جي دليلن ذريعي ضمانت منظور ٿيڻ تي آزاد ٿي ويو. جسقم مرڪزي اڳواڻ ديدار شام کيس آزادي جي مبارڪ ڏني، جڏهن ته جيل ٻاهران جسقم نوشهروفيروز ۽ دادو ضلعي جي اڳواڻن فيصل مستوئي، صوفي خالد چنا، نظام انڙ، اياز جمالي، نياز چنا, رياض پنهور ۽ ٻين سندس گلن جا هار پارائي آجيان ڪئي.

نوجوانن جي آخري اميد جو ادارو به ڪرپشن جي ور چڙهي ويو: عاطف ملاح

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، مرڪزي جنرل سيڪريٽري غلام علي زئور، نوروز ڪلمتي ۽ سميع ابڙي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ميونسپل ۽ ٽائون آفيسر جي نتيجن کي رد ڪيون ٿا. محنت سان پاس ٿيل غريب شاگردن کي انٽرويو ۾ فيل ڪري، ڪروڙين روپيا ڀريندڙن کي پاس ڪيو ويو آهي جيڪا سنئين سڌي ميرٽ جي لتاڙ آهي. پيپلز پارٽي جي مهرباني سان سنڌ جي نوجوانن جي آخري اميد سمجهيو ويندڙ ادارو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن به مڪمل ڪرپشن جي ور چڙهي ويو. سٺيون مارڪون کڻي پاس ٿيندڙن کي فيل ڄاڻائڻ سبب سنڌ جي نوجوانن ۾ سخت مايوسي جي لهر ڇانيل آهي. پ پ پ جي 15 سالا دور ۾ سنڌ جي هر اداري کي ڪرپٽ بڻايو ويو. اڳواڻن چيو ته اميدوارن کان ٿيندڙ انٽرويو لائيو ڏيکاريو وڃي ته جيئن ڪنهن به نوجوان سان ناانصافي نٿي سگهي. سنڌي شاگرد تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته سپريم ڪورٽ جي حاضر سروس ججن جي نگراني ۾ ڪميٽي جوڙي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي وڪري جو وکر بڻائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ٽائون ۽ ميونسپل آفيسر ۾ سٺا نمبر کڻندڙ غريب شاگردن کي انٽرويو ۾ فيل ڪري ڪروڙين روپيا ڀريندڙن کي پاس ڪرڻ، ايم ڊي ڪيٽ جي پرچي آئوٽ ٿيڻ، سنڌ حڪومت طرفان سنڌ جي يونيورسٽين جي بجيٽ گهٽائڻ ذريعي شاگردن جو قتل عام، ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪي ايس پي پاليسي، هيڪ طرفان سنڌ جي يونيورسٽين کي گرانٽ نه ڏيڻ، داخلائن لاءِ انٽري ٽيسٽ ۾ گريڊ جي شرط، سمورين يونيورسٽين ۾ شاگردن کي مفت هاسٽلون نه ڏيڻ ۽ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ پاسنگ مارڪن تي شاگردن کي داخلا نه ڏيڻ خلاف 29 آڪٽوبر تي اولڊ ڪئمپس کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي.

ايس پي ايس سي نتيجن تي سوشل ميڊيا تي باهه ٻريل

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ميونسپل آفيسرن جي ڀرتي معاملي تي سوشل ميڊيا تي لڳاتار تنقيد جو  سلسلو جاري آهي، سينئر صحافي عاجز جمالي لکيو ته سنڌ جي ڪرپٽ ريٽائرڊ ڪامورن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جھڙي اداري کي به سنڌ ڪرپشن سروس ڪميشن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو،تانيا سليم پليجو هڪ نور محمد باريجي جي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 15گريڊ کان مٿي نوڪريون ڀوتارن کي 5 کان 15گريڊ ڀوتارن جي مٽ مائٽ کي 1 کان 4 گريڊ ڀوتارن جي نوڪرن کي باڪي اسان پڙهيل لکيل نوجوان ڇولا کپايون

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.