اسلام آباد(عوامي آواز نيوز )ناليواري تجزئي نگار عمران شفقت چيو آهي ته فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل نه ٿيڻ وارو عدالتي فيصلو عمران خان کي فوج کان بچائڻ جي ڪوشش آهي، چار ججن جي اها ڄاڻي واڻي ڪوشش آهي، ان فيصلي ۾ عمران خان کي مستقبل ۾ بچائڻ جو اهتمام ٿيل آهي، انهن چئني ججن جا فيصلا عمران خان ۽ باجوا رجيم کي فائدا پهچائڻ لاءِ آهن،انهن کي عوام جي مفاد ۾ ڪو به فيصلو ناهي ڪيو، عمران جي محبت ۾ اهي چار جج هيراڦيري کان نٿا مڙن، حافظ جو حلوو کائي ڪو پنهنجي محبوب کي نٿو بچائي سگهي.
سينئر صحافي انصار عباسي چيو آهي ته ڏسجي ته حڪومت ڪهڙو ردعمل ڏئي ٿي، فوج جو ڪهڙو ردعمل آهي، حڪومت اپيل داخل ڪري سگهي ٿي، اپيل تي لارجر بئنچ ٺهندي، اپيل داخل ٿي ته فيصلو شايد ان کان مختلف نه هجي.
هن فيصلي کانپوءِ 102 ماڻهن جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل رڪجي ويندو،انهن جي ڪسٽڊي سويلين اختيارين حوالي ڪئي ويندي،قانوندان چون ٿا ته ان کان اڳ به سويلين جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ٿي چڪو آهي، عمران خان جي دور ۾ 25 ماڻهن جو ملٽري ٽرائل ٿيو هو.
سينئر صحافي عمر چيما چيو ته منهنجي خيال ۾ اهو فيصلو صحيح آهي، جسٽس يحيٰ آفريدي جي راءِ اهم آهي،9 مئي واقعو سنگين آهي، پر جيڪڏهن ان ڪيسن جي جوابدارن کي رليف ڏيڻ جو پيغام ڪهڙو ويندو؟ پي ٽي آءِ وارا ان واقعي جو دفاع نه پيا ڪري سگهن.
اعزاز سيد چيو ته جوابدارن جو ٽرائل هاڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ ٿيندو،اسان جو عدالتي نظام به صحيح ناهي، ماڻهن ۾ ڪاوڙ آهي ته اسان جي فوج سويلين معاملن ۾ مداخلت ڇو ٿي ڪري.
عاصمه شيرازي چيو ته عمران خان عدالت ۾ چيو ته ٻڌو آهي ته نيلسن منڊيلا واپس اچي ويو آهي، لڳي ٿو ته عمران خان ماضي مان ناهي سکيو،فوجي عدالتن بابت فيصلي سان پي ٽي آءِ کي فائدو ٿيندو،
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 24 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي